پير موسيٰ نواب

پير موسيٰ، نواب: هيءُ بزرگ سمن ۽ تغلقن جي دور ۾ ٿي گذريو آهي، جيڪو ملتان جي سهروردي مخدومن سان تعلق رکندو هو. اسلام جي تبليغ جي لاءِ ملتان کان بکر ۾ اچي رهيو. گهوٽڪي، ماٿيلي ۽ سکر جي آسپاس رهاڪو راجپوت قبيلن ۾ اسلام جي تبليغ ڪيائين ۽ سندس تبليغ سان راجپوتن جي ٻن شاخن، مهرن ۽ ڌاريجن اسلام قبول ڪيو. انهن قبيلن جا جڻيا اڄ تائين پير موسيٰ نواب جي درگاهه (بهاولپور رياست) تي موجود آهن.


لفظ پير موسيٰ نوابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو